لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتن عورتن ۽ ٻارن سميت 12 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ هڪ ڏينهن اندر رولو ڪتن 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جن ۾ 12 ورهين جي نينگري زرينه لاشاري، 10 ورهين جي سلميٰ، 16 ورهين جو صداقت مري، 56 سالن جي پيرسن عورت نصرت خاتون، 45 سالن جو سڪندر ڏاهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته رولو ڪتن جي حملن ۾ زخمي ٿيلن کي سندن وارثن پاران الڳ الڳ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم ويڪسين سينٽر تي آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن طرفان متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪندي کين ويڪسين لڳائي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.