ڪنريءَ ۾ گهر مان مبينا 5 تولا سون چوري

ڪنري (ت ر) ڪنري جي ڪاٽن فيڪٽري ڪالوني ۾ دڪاندار وسيم احمد جي گهر  مان مبينا چوري ٿي وئي.گهر ڀاتين جو  چوڻ آهي ته ٻه عورتون بهاني سان گهر آيون ۽ 5 تولا سونا زيور کڻي پنهنجون پاتل چوڙيون ۽ ڪوڙيون منڊيون لاهي ويون. دڪاندار وسيم احمد موجب هن جي گهر واري پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندي آهي، ٽيوشن پڙهائڻ جي بهاني سان برقعو پاتل ٻه عورتون گهر آيون ۽ منهنجي گهر واري کي مختلف ڳالهين ۾ مصروف رکي کيس پاتل سونيون چوڙيون ۽ الماري ۾ پيل زيور کڻي ويون،دڪاندار ٻڌايو ته هن جي گهر واري کي خبر ئي نه پئي، اڌ ڪلاڪ بعد کيس پتو پيو ته سندس زيور غائب آھن.هوڏانهن اطلاع تي پوليس پهچي معلومات وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.