سي پيڪ پاڪستان جي مستقبل جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: پاڪستاني سفير معين الحق

اسلام آباد (اي پي پي) چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق چيو آهي  ته سي پيڪ پاڪستان جي مستقبل جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو جنهن ۾ گوادر بندرگاهه جو اهم ڪردار هوندو. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ۾ هن چيو ته سي پيڪ مرحلي جي تحت توانائي جي ڪيترن وڏن منصوبن ۾ هائيڊرو، ونڊ ۽ سولر پراجيڪٽس تي عمل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ هن چيو ته سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيو آهي.  جنهن ۾ صنعتڪاري، زراعت، ماڻهن جي سماجي فلاح ۽ بهبود، غربت جي خاتمي ۽ سبز معيشت تي خاص ڌيان مرڪوز آهي.

  • ڪراچي: محرم الحرام حوالي سان ايس ايس پي سٽي جي صدارت هيٺ اجلاس

ڪراچي (رپورٽر ) محرم الحرام جي موقعي تي امن امان جي صورتحال جي حوالي  ايس ايس پي سٽي آفيس بغدادي ڪمپليڪس ۾ ايس ايس پي سٽي ڊسٽرڪٽ شبير احمد سيٺار جي صدارت هيٺ اجلاس. اجلاس ۾ ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز ۽ شيعه عالمن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس ايس پي سٽي محرم الحرام جي آمد جي موقعي تي تيار ڪيل جامع سڪيورٽي پلان تي مڪمل عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون.سمورن شيعه عالمن کي درپيش سيڪيورٽي مسئلا ٻڌڻ بعد انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو ويو.ايس ايس پي سٽي شبير احمد سيٺار ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته جلوس جي سمورن رستن جو دورو ڪري 2 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سمورا مسئلا 24 ڪلاڪن اندر حل ڪيا وڃن.سمورن امام بارگاهن، مجلسن جي رستن ۽ جلوسن جي سڪيورٽي کي موثر بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن   جلد کان جلد سمورن رستن ۽ امام بارگاهن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪري. ايس ايس پي سٽي ڊسٽرڪٽ شبير احمد سيٺار پولیس عملدارن کي هدايت ڪئي ته مجلسن جي رستن تي پڪي پختي ڪئي وڃي، پوليس جو گشت وڌايو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي کي سخت ڪري سگهجي.جلوس جي سمورن رستن تان ڪنهن به قسم جي لاوارث سامان/ دٻن کي بروقت هٽايو وڃي.جلوس جي سمورن رستن تي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪنهن به قسم جي سلينڊر جا دڪان مڪمل طور تي خالي هجن. ايس ايس پي هدايت ڪئي ته 29 آگسٽ کان سمورن امام بارگاهن تي 2 هٿياربندن کي مقرر ڪيو ويندو.

  • لياري جي گهٽي گهٽي ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي: عبدالخالق زدران

ڪراچي (رپورٽر) لياري عوامي محاذ جي جنرل سيڪريٽري عبدالخالق زدران پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لياري جيعلائقن ۾ مختلف گهٽين ۾ خاص ڪري لياري جي دل چاڪيواڙا چوڪ، گل محمد لين جو ،   پوسٽ آفيس، فٽبال هائوس، باڪسنگ ڪلب، گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2، ملا فاضل هال، لياري ٽيڪسٽ بڪ لائبريري، نادرا آفيس جي عمارتن ۾ لياري جي قديم تاريخي ناگمان مسجد، بغدادي ڊي ڊي چوڌري روڊ ، دريا آباد، نيا آباد ،وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي.  پمپ مشين بند آهن جنهن جي ڪري نيڪال نه ٿي سگهيو آهي مشينون روڊن تي پيون آهن جن ۾ ڊيزل نه آهي، لياري  عوامي محاذ جي جنرل سيڪريٽري عبدالخالق زدران چيو ته . ڇنڇر ۽ آچر تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيرن سميت اسڪول روڊ گل محمد لين سان ڳنڍيل چاڪيواڙا چوڪ پمپنگ اسٽيشن جي دوري دوران اعلان ڪيو ته لياري مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ پمپنگ اسٽيشن 24 ڪلاڪ کليل رهندي. پر هن وقت تائين لياري جا مختلف علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن علائقي جي رهواسين جي گهرن ۾ گندگي جو گندو گندو پاڻي داخل ٿيڻ ڪري الرجي سميت مختلف بيمارين پکڙجي رهيون آهن . وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه فوري طور تي نوٽيس وٺي لياري مان سيوريج ۽ برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي نااهل علمدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.