رتوديرو لڳ گهرو اڻبت تان مڙس ڳورهاري زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (  رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو + طفيل ساريو ) رتوديرو ۾ مڙس هٿان گهرواڻبڻت تان مبينا طور گوليون هڻي ڳورهاري زال قتل. خبر موجب رتوديرو جي جکرا پاڙي  جي رهواسي ربنواز عمراڻي گهرواڻبڻت تان  مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي 28 سالن جي ڳورهاري زال سونيه خاتون کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو اطلاع علائقي واسين پاران حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن تي پوليس پهچي زخمي عورت کي کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي رتوديرو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هيو ته فوتي عورت سونيه خاتون زخمي حالت ۾ اسان کي بيان ڏنيو هيو ته مون کي پنهنجي مڙس ربنواز عمراڻي بيگناھ گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي، جڏهن ته منهنجي پيٽ ۾ ٻار پڻ آهي، جنهن کان پوءِ زخمي عورت اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هيو ته مقتولا عورت جي عمر اٽڪل 28 سالن کان 30 سال آهي، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، عورت جي وارثن مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.