اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي ججن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪيان ٿو، سپريم ڪورٽ جي ججن کي قانون ۽ آئين خاطر ڄمي بيهڻ تي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو.
I appreciate our SC judges for standing firm & upholding the Constitution & law, against all manner of threats & abuse. I want to thank Barrister Ali Zafar & his team. I want to thank the people of Punjab for coming out in unprecedented numbers in bye elections against rigging.
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) July 26, 2022
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج دٻاءَ ۽ بدزباني باوجود ڄمي بيٺا، مان بئريسٽر علي ظفر ۽ ان جي ٽيم جا به ٿورا مڃان ٿو.
اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ننڍي چونڊ ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ نڪتل عوام جا پڻ ٿورا مڃيا.