نواز شريف نئين تحريڪ شروع ڪندو! مريم اورنگزيب جي اهم پريس ڪانفرنس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن فل ڪورٽ ٺهي وڃي ها ته اڄوڪو فيصلو مختلف هجي ها.

اسلام آباد ۾ ليگي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف اڄوڪو فيصلو اڳ ئي تڪراري بڻائي ڇڏيو هو ۽ ٻن ڏينهن کان انهن جو ڊرامو جاري هو.

هن چيو ته سياسي جماعتن آئين جي تشريح لاءِ فل ڪورٽ جو مطالبو ڪيو هو، فل ڪورٽ جو مطالبو وڪيل برادري طرفان به ڪيو ويو، اسان جو مطالبو آئيني هو، جيڪڏهن فل ڪورٽ ٺهي وڃي ها ته اڄوڪو فيصلو مختلف هجي ها.

سندس چوڻ هو ته عمران خان پارٽي سربراهه طور خط لکيو هو، ان جي خط تي 25 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو، اهڙو ئي خط ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين به لکيو، عمران خان جي خط کي تسليم ڪري چوڌري شجاعت جي خط کي حرام قرار ڏنو ويو.

مريم اورنگزيب چيو ته آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي جدوجهد جاري رکنداسين، جڏهن کان هيءَ عدالتي بئنچ ٺهي تڏهن کان انصاف ٿيندي نظر نه آيو، نواز شريف عدليا بحالي تحريڪ شروع ڪئي هئي، اڄ کان ٻيو باب شروع ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.