سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مريم نواز جو سخت ردعمل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت ڪيس ۾ پرويز الاهي جي درخواست منظور ڪندي دوست مزاري جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير قرار ڏنو آهي ۽ اڄ رات ئي ان کان حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالتي فيصلي تي ردعمل  ۾ مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي ”جڊيشل ڪو“ لکيو.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لکيو ته ”انصاف جو قتل نامنظور“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.