ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار، پرويز الاهي وڏو وزير بڻجي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري ڪيس ۾ پرويز الاهي جي درخواست منظور ڪندي دوست مزاري جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪيو.

سپريم ڪورٽ جو فيصلو 11 صفحن تي ٻڌل آهي، چيف جسٽس مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ درست ناهي، ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو ڪو قانوني جواز ناهي، پنجاب ڪابينا به ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، حمزا شهباز ۽ ان جي ڪابينا فوري طور تي عهدا ڇڏي ڏئي.

عدالت حڪم ڏنو آهي ته اڄ رات ساڍي 11هين وڳي تائين پرويز الاهي کان وڏي وزير جو حلف ورتو وڃي، گورنر وڏي وزير جو حلف وٺي، فيصلي تي فوري طور عمل يقيني بڻايو وڃي، گورنر جيڪڏهن حلف نه وٺي ته صدر حلف وٺي، فيصلي جي ڪاپي فوري طور گورنر پنجاب، ڊپٽي اسپيڪر ۽ چيف سيڪريٽري کي موڪلي وڃي.

ان کان اڳ ٻڌڻي جي شروعات تي عرفان قادر چيو ته منهنجي اصيل جي هدايت آهي ته عدالتي ڪارروائي جو حصو نه بڻجان، ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ هلي رهيو آهي، فل ڪورٽ بابت فيصلي تي نظرثاني داخل ڪنداسين.

ان موقعي تي فاروق ايڇ نائيڪ به عدالت کي ڪارروائي جي بائيڪاٽ کان آگاهه ڪيو.

چيف جسٽس، فاروق نائيڪ کي چيو توهان ته ڪيس ۾ ڌر ئي ناهيو، ان کانپوءِ عدالت پرويز الاهي جي وڪيل علي ظفر کي روسٽرم تي گهرائي ورتو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي سامهون فل ڪورٽ ٺاهڻ جو ڪو قانوني جواز پيش نه ڪيو ويو، عدالت ۾ رڳو پارٽي سربراهه جي هدايتن تي عمل بابت دليل ڏنا ويا، اسان اهو فيصلو ڪيو ته موجوده ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، اصل سوال هو ته ميمبرن کي هدايتون ڪير ٿو ڏئي سگهي، آئين پڙهڻ سان واضح آهي ته هدايتون پارلياماني پارٽي کي ڏيڻيون آهن.

چيف جسٽس چيو ته ان سوال جي جواب لاءِ ڪنهن وڌيڪ قانوني دليل جي ضرورت ناهي، ڪيس جلد مڪمل ڪرڻ کي ترجيح ڏينداسين، فل ڪورٽ ٺاهڻ ڪيس کي غير ضروري طور دير جو شڪار ڪرڻ برابر آهي، فل ڪورٽ ٺهي ها ته معاملو سيپٽمبر تائين هليو وڃي ها، ڇو ته عدالتي موڪلون هلي رهيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته گورننس ۽ بحران جي حل لاءِ تڪڙي ڪيس اڪلائڻ چاهيون ٿا، آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ۾ ڪير هدايت ڏيندو اهو سوال نه هو، تشريح جي وقت سوال رڳو ڦري ويندڙ جي نتيجي جو هو.

چيف جسٽس، علي ظفر کان سوال ڪيو ته آئين ڇا ٿو چئي ته ڪنهن جي هدايتن تي ووٽ ڏنو وڃي؟ جنهن تي علي ظفر چيو ته آئين موجب ووٽ جون هدايتون پارلياماني پارٽي ڏيندي آهي.

چيف جسٽس پڇيو ته ڇا پارلياماني پارٽي، پارٽي سربراهه کان الڳ آهي؟ علي ظفر چيو ته پارلياماني جماعت ۽ پارٽي ليڊر ٻه الڳ الڳ شيون آهن.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پارلياماني پارٽي پنهنجي طور تي ڪو فيصلو ناهي ڪندي، جماعت جو فيصلو پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ويندو آهي، جنهن جي روشني ۾ اها فيصلو ڪندي آهي.

هن چيو ته جج جي گهڙي گهڙي راءِ تبديل ڪرڻ سٺو مثال ناهي هوندو، جج جي راءِ ۾ هڪجهڙائي هجڻ گهرجي، مان پنهنجي راءِ تڏهن ئي تبديل ڪندس جڏهن ٺوس ڪارڻ ٻڌايا وڃن، ڇا 17 مان 8 ججن جي راءِ جي سپريم ڪورٽ پابند ٿي سگهي ٿي؟ فل ڪورٽ بئنچ جي اڪثريت پارٽي سربراهه جي هدايت ڏيڻ سان اتفاق نه ڪيو هو.

چيف جسٽس، علي ظفر کي چيو ته عدالت کي پارٽي سربراهه جي هدايتن يا پارلياماني پارٽي ڊائريڪشنز تي مدد گهربل آهي، قانوني سوالن تي مدد ڪيو يا وري اسان هن بئنچ کان الڳ ٿي وڃون، جيڪي دوست مون کي سڃاڻين ٿا انهن کي خبر آهي ته پنهنجي ڪم کي عبادت جو درجو ڏيندو آهيان، منهنجي ساڄي پاسي ويٺلن اتفاق راءِ سان عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، شڪر آ ايتري گريس باقي آهي ته عدالتي ڪارروائي ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهن.

پوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ اڍائي وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 63 اي تحت باغي ميمبرن خلاف ايڪشن پارٽي سربراهه وٺندو، پارٽي سربراهه باغي ميمبرن خلاف ڊڪليريشن موڪليندو آهي.

ان تي چيف جسٽس چيو ته دفاع واري ڌر جو چوڻ آهي ته پارٽي سربراهه پارلياماني پارٽي کي ڪنٽرول ڪندو آهي.

جسٽس اعجاز ريمارڪس ڏنا ته واضح آهي جيڪڏهن ڪنهن ميمبر کي پارٽي پاليسي موجب ووٽ ناهي ڏيڻو ته استعيفيٰ ڏئي ٻيهر اچي وڃي.

چيف جسٽس چيو ته اختيار پارٽي هيڊ ذريعي ئي منتقل ٿيندا آهن، ڪو شڪ ناهي ته پارٽي سربراهه جو اهم ڪردار آهي پر ووٽنگ لاءِ هدايتون پارلياماني پارٽي هيڊ ڏيندو آهي.

پوءِ عدالت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو ۽ چيو هو ته ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.