برسات جي موسم ۾ جلد جي حفاظت لاءِ ضروري اُپاءَ

 

هونئن ته جلد جي حفاظت هر موسم ۾ ڪرڻ گهرجي پر برساتن جي موسم وڌيڪ گِهم ۽ بيڪٽيريا جو سبب بڻجندي آهي، تنهن ڪري ان ۾ پنهنجي جلد جو وڌيڪ خيال رکڻ گهرجي.

برساتن جي موسم ۾ بليڪ هيڊز وغيرا جو به مسئلو وڌيڪ هوندو آهي، ان سان گڏوگڏ موهيڙن جو مسئلو به انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي.

چهري جي اسڪربنگ:

گهم سبب ان موسم ۾ جلد جي سٺي ۽ تفصيلي صفائي جي ضرورت پوندي آهي، جيئن ڪلينزنگ ۽ اسڪربنگ وغيرا، هفتي ۾ هڪ دفعو به جيڪڏهن تفصيلي صفائي ڪئي وڃي ته توهان جي چهري جي چمڪ برقرار رهندي.

وٽامن سي سيرم جو استعمال:

جلد ۽ چهري جي حفاظت ۽ خوبصورتي لاءِ وٽامن سي ڪيتري ضروري آهي اهو ته سڀ ڄاڻين ٿا، ان لاءِ وٽامن سي سپليمنٽس جو استعمال ۽ چهري جي ڪشش لاءِ وٽامن سي سيرم جو استعمال پنهنجو معمول بڻايو.

سن بلاڪ جو استعمال:

سن بلاڪ جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهو سج جي شعاعن کي بلاڪ ڪندو آهي، اهو سج جي خطرناڪ الٽرا وائلٽ شعاعن کي توهان جي جلد تائين پهچڻ کان روڪيندو آهي، ٻاهر نڪرندي ان جو استعمال ضرور ڪيو.

ملتاني مٽيءَ جو ماسڪ:

چهري جي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان ملتاني مٽيءَ جو ماسڪ يا مڊ ماسڪ لڳايو، اهو چهري جو واڌو تيل جذب ڪندو ۽ چهري کي تازو توانو رکندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.