سپريم ڪورٽ جو فيصلو، حڪمران اتحاد به وڏو قدم کڻي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي امڪاني فيصلي کي ڏسندي حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن جي سربراهن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب حڪومتي اتحادي جماعتن جي سربراهن جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ڪجهه دير کانپوءِ شروع ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سميت سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.

واضح رهي ته حڪومتي اتحاد سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيس جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.