نوجوان فيس بُڪ تي موجود ڪرائي جي قاتل هٿان پيءَ کي مارائي ڇڏيو

 

ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ نوجوان فيس بُڪ ذريعي ڪرائي جي قاتل سان رابطو ڪري پنهنجي پيءَ کي مارائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش رياست جي علائقي پڇوڙ ۾ 21 ۽ 22 جولاءِ جي وچين رات مهيش گپتا نالي شخص کي سندس گهر ۾ قتل ڪيو ويو هو.

پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪري مهيش گپتا جي انڪيٽ گپتا، سندس دوست نيتن لوڌي ۽ اجيت سنگهه کي گرفتار ڪيو هو.

علائقي جي ايس پي راجيش سنگهه موجب انڪيت، اجيت سنگهه کان پنهنجي پيءَ کي قتل ڪرايو، ان سلسلي ۾ انڪيت جي مدد سندس دوست نيتن ڪئي.

هن ٻڌايو ته انڪيت اعتراف ڪيو آهي ته هو شراب ۽ جُئا جو عادي هو، پنهنجي پيءَ سان سخت ڪاوڙ ڪندو هو، ڇو ته هو کيس پنهنجا شوق پورا ڪرڻ لاءِ پئسا نه ڏيندو هو.

پنهنجي پيءَ کي قتل ڪرائڻ لاءِ انڪيت انٽرنيٽ جي مدد حاصل ڪئي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بُڪ ذريعي ان جو رابطو بهار جي هڪ ڏوهاري گروهه سان ٿيو.

انڪيت جو فيس بُڪ تي اجيت ڪنگ گروپ جي ايڊمنسٽريٽر سان هڪ لک رپين عيوض معاملو طئي ٿيو ۽ هن 10 هزار رپيا ان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع به ڪرائي ڇڏيا.

اجيت جنگهه قتل لاءِ بهار کان مڌيا پرديش جي شهر جهانسي پهتو، جتي هو انڪيت ۽ نيتن سان مليو، ٻنهي اجيت جي رهائش جو بندوبست ڪيو.

مهيش جي قتل جي رات انڪيت پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي گهر جي پهرين ماڙ تي سمهاري ڇڏيو ۽ پاڻ هيٺ سُتو، رات دير سان اجيت سنگهه پهتو ته ان کي مهيش بابت ٻڌايو.

فائرنگ جو آواز ٻڌي انڪيت جي گهرواري جاڳي پئي، انڪيت زال کي اهو چئي وري سمهاري ڇڏيو ته آواز گولي جو نه گجگوڙ جو هو.

انڪيت زال کي سمهاري قاتل کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ در بند ڪري ڇڏيو، صبح ٿيو ته ان گوڙ ڪيو ته منهنجي پيءَ کي قتل ڪيو ويو آهي.

ايس پي راجش سنگهه موجب انڪيت جو هڪ ڀاءُ فوج ۾ هو پر ان آپگهات ڪري ڇڏيو هو، ان جي موت تي پيءَ کي هڪ ڪروڙ رپيا مليا هئا، جڏهن ته ان جي پينشن به ايندي هئي، ان رقم کي ڏسي انڪيت لالچ ۾ اچي ويو ۽ اهو انتهائي قدم کنيائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.