گوادر جو ڪراچي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو

گوادر (ويب ڊيسڪ) هنگول وٽ ڪوسٽل هاءِ وي تي ٻوڏ سبب گوادر جو ڪراچي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.

ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

ان حوالي سان نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي اهلڪارن پڻ شهرين کي مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.