ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.
ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن گذريل چوماسي جي برساتن سبب گڊو بئراج تي هيٺين سطح جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي.
پاڻي جي آمد 2 لک 73 هزار 970 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بئراج مان پاڻي جو وهڪرو 2 لک 68 هزار 886 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
گڊبو بئراج تي 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي سطح 57 هزار ڪيوسڪ وڌي وئي آهي، ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ جو امڪان آهي.
گڊو بئراج جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.