ڪراچي جي شهرين تي 6 ڏينهن لاءِ وڏي پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 6 ڏينهن لاءِ شهرين جي سمنڊ جي ڪناري تي ونهنجڻ ۽ مهاڻن جي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

ڪمشنر ڪراچي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمنڊ جي ڪناري تي ونهنجڻ ۽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پابندي 6 ڏينهن لاءِ لاڳو هوندي.

ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته شهري سمنڊ ڪناري وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ پابندي تي عمل ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.