ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ ڪٿي ٿيندو؟ نئين خبر اچي وئي

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ 2022 جي حوالي سان غير يقيني واري صورتحال برقرار آهي پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ايونٽ سريلنڪا ۾ ٿيڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته اڳ اهڙا اطلاع هئا ته سريلنڪا اندروني سياسي صورتحال سبب ايونٽ جي ميزباني کان معذرت ڪئي آهي.

مقامي ميڊيا موجب سريلنڪن حڪومت پنهنجي ڪرڪيٽ بورڊ کي ايونٽ جي ميزباني لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب هڪ اعليٰ حڪومتي اهلڪار ان سلسلي ۾ بورڊ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهو ايونٽ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ٽورنامينٽ 24 آگسٽ کان 10 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندي پر ايونٽ جي وينيو بابت حتمي فيصلو سريلنڪا ڪرڪيٽ ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل وچ ۾ 28 جولاءِ تي دبئي ۾ ٿيندڙ ميٽنگ ۾ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.