ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف حادثن ۾ ٻن ٻارن سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب واقعن ۾ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا ۽ اهي واقعا گهرن اندر پيش آيا.
ان کانسواءِ هڪ ٻارڙي ۽ 3 نوجوان ٻڏي فوت ٿيا.
ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن به مسلسل برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ۽ سڀاڻي شهر ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي وچولي برسات جو امڪان آهي.