ڀارت جي انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي ۾ اهم ترين اڳڀرائي

 

ڀارت ۾ ففٽ جنريشن ( فائيو جي ) ٽيڪنالوجي متعارف ڪرائڻ بابت اهم ترين اڳڀرائي ٿي آهي.

ڀارت ۾ ايندڙ سال فائيو جي سروس متعارف ڪرائي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اتي پهرين 5 جي اسپيڪٽرم لائسنس جي نيلامي 26 جولاءِ تي ٿي رهي آهي.

ريلائنس جيو، ايئرٽيل، ووڊا فون آئيڊيا ۽ ايشيا جي امير ترين شخص گورتم آڏواڻي ڀارت جي پهرين فائيو جي لائسنس خريدڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهن.

موبائيل انٽرنيٽ جي ففٿ جنريشن ٽيڪنالوجي تيز ترين ڊائون لوڊ اسپيڊ ڏيندي آهي جنهن سان مختلف ٽيڪنالوجيز جهڙوڪ ڊرائيور ليس گاڏين ۽ ورچوئل رئيلٽي کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

72 گيگا هرٽز جي 5 جي اسپيڪٽرم جو لائسنس کٽڻ واري ويهه ورهين تائين ان جا حق حاصل رهندا.

هي لائسنس 14 ارب ڊالرز تائين وڪرو ٿيڻ جو امڪان آهي.

آڏواڻي گروپ پهريون ڀيرو موبائيل فون سروسز حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ان معاملي ۾ مڪيش امباڻي ۽ گوتم آڏواڻي وچ ۾ مقابلو آهي.

گروپ طرفان جاري بيان موجب 5 جي اسپيڪٽرم جي نيلامي ذريعي ايئر پورٽس، بندرگاهن ۽ لاجسٽڪس مرڪزن جي سائبر سيڪيورٽي کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بجلي ٺاهڻ ۽ ڪيئي آپريشنز  لاءِ ان جو استعمال ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.