دعا جي مڙس ظهير جي درخواست تي عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ظهير احمد، دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

ان درخواست تي عدالت سڀاڻي دعا زهرا کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن.

عدالت چيو آهي ته دعا زهرا کي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته پيشي وقت دعا زهرا سان ڪنهن کي ملڻ نه ڏنو وڃي، پيشي وقت ڌرين جي وڪيلن کانسواءِ ڪير به نه هجي.

دخواستگذار ظهير موقف اختيار ڪيو ته چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر کي ڪسٽڊي ملڻ تي 24 ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻو هوندو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ٻارڙي کي پيش ڪرڻ جو مقصد ان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي.

هوڏانهن ڪيس جي فريادي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جن قلمن تحت درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اهي هتي لاڳو نٿا ٿين، درخواست بدنيتي جي بنياد تي داخل ڪئي وئي آهي، رد ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.