روس طرفان انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو

روس 2024ع  کانپوءِ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ( آءِ ايس ايس ) کان ڌار ٿي ويندو.

اهڙي ڳالهه روس جي خلائي اداري جي نئين چونڊيل سربراهه طرفان صدر پيوٽن کي ٻڌائي وئي آهي.

ڪريملن طرفان جاري ڪيل بيان موجب خلائي اداري روس ڪوسموس جي سربراهه بوريسوف چيو ته يقينن اسان پنهنجي ڀائيوارن لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين، پر 2024ع کانپوءِ آءِ ايس ايس کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته 2024ع ۾ اسان رشين آربٽل اسپيس اسٽيشن جي تياري تي ڪم شروع ڪيو ويندو۽ اسان ضروري خلائي سروسز ذريعي روسي معيشت جي مدد ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.