بنگلاديش به آءِ ايم ايف ڏانهن واجهائڻ لڳو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) کان ساڍا 4 ارب ڊالرز قرض گهري ورتو .

پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جو ڪرنٽ خسارو 11 مهينن دوران 17.20 ارب ڊالر رهيو ۽ بنگلاديش پرڏيهي ادائيگين ۽ بجيٽ سپورٽ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض گهريو آهي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ ڊالر قرض تي وياج نه هوندو جڏهن ته ٽي ارب ڊالر تي ٻه سيڪڙو وياج هوندو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊسمبر ۾ اسٽاف ليول معاهدو ٿيو ۽ جنوري ۾ معاهدو بورڊ جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.