”چيف جسٽس جي بئنچ کي فڪسڊ بئنچ چوڻ انتهائي افسوسناڪ آهي“

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته چيف جسٽس جي بئنچ کي فڪسڊ بئنچ چوڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ٻن ووٽن جي سازشي پرائم منسٽر تي به بي اعتمادي آڻڻي پوندي، فوج کانپوءِ سپريم ڪورٽ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اتحادي ٻڌائين ته انهن جا پسنديده جج ڪهڙا آهن؟

هن چيو ته اهي اثاثا کپائي معيشت کي وڌيڪ تباهه ڪري رهيا آهن، هاڻ ن ليگ به اليڪشن کان ڀڄي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.