اليڪشن ڪميشن سڀني سياسي جماعتن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کي 29 آگسٽ تائين اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کان اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا آهن ۽ هدايت ڪئي آهي ته سموريون سياسي جماعتون 29 آگسٽ تائين اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائين.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تفصيل سال 22-2021 لاءِ آهن، سالياني آمدني ۽ آمدني جا ذريعا به پيش ڪرڻا پوندا.

اليڪشن ڪميشن موجب سياسي جماعت جي مالي پوزيشن ظاهر ڪرڻي پوندي، لکت ۾ ٻڌائڻو پوندو ته ڪو پابندي پيل فنڊ حاصل نه ڪيو ويو.

واضح رهي ته اسيمبلي ميمبر به اثاثن جا تفصيل ۽ آمدني جي ذريعن بابت تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ جا پابند آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.