اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي پي 241 بهاولپور مان پنجاب اسيمبلي ميمبر ڪاشف محمود کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن 7 آگسٽ 2018 ۾ ڪاشف محمود جي ڪاميابي جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو.
ليگي ايم پي اي ڪاشف محمود کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نااهل قرار ڏنو هو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ به ليگي ايم پي اي ڪاشف محمود جي نااهلي جو فيصلو برقرار رکيو هو.