ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريض خوش نه ٿين، طبي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن توهان ماضي ۾ ڪووڊ 19 سبب متاثر ٿيڻ بعد بيماري مان صحتياب ٿيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي، پر وري اوچتو واري تيزي تان ڇڻڻ لڳن ته اها لانگ ڪووڊ جي نشاني ٿي سگهي ٿي.

لانگ ڪووڊ جي اصطلاح اهڙن مريضن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي جيڪي ڪووڊ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ به ڪيئي هفتن يا مهينن تائين مختلف علامتن کي منهن ڏيندا آهن.

نيچر ميڊيسن ۾ شائع ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بيماري کانپوءِ وارن جو ڇڻڻ به لانگ ڪووڊ جي نشاني جو حصو آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيماري دوران سنگهڻ جي حس کان محرومي، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ سيني جي تڪليف جهڙين علامتن کي منهن ڏيندا آهن جڏهن ته روز جي ڪم ڪار پڻ مشڪل ٿي ويندا آهن.

تحقيق موجب مريضن منجهه نظام تنفس، ذهني صحت ۽ دماغي مسئلن سان گڏوگڏ ڪيئي قسمن جون علامتون بيماري کانپوءِ ظاهر ٿينديون آهن.

تحقيق ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏنو ويو آهي ته عورتن ۽ نوجوانن ۾ بيماري بعد لانگ ڪووڊ جو خطرو سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي.

اهڙي ريت ٿولهه جي شڪار، گهٽ آمدني وارن ۽ تماڪ واپرائڻ جي عادي ماڻهن کي به ڪووڊ 19 سبب متاثر ٿيڻ تي ڊگهي مدي وارين علامتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

برطانيا جي برمنگهم يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ ماهرن ٻڌايو آهي ته حاصل ٿيل نتيجن مان اهو ثابت ٿئي ٿوته لانگ ڪووڊ جي علامتن جو انگ تمام گهڻو آهي ۽ هنيئر تائين اسان ان جو خطرو وڌائيندڙ عنصرن کي دريافت ناهيون ڪري سگهيا.

ماهرن موجب علامتن جي سڃاڻپ طبي ماهرن مريضن جو وڌيڪ بهتر تجزيو ڪري سگهندا ۽ فيصلو ڪري سگهندا ته ڪهڙي نموني انهن نشانين جي روڪٿام ٿيڻ کپي.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڪووڊ 19 سبب متاثر ماڻهن طرفان شروعاتي بيماري جي 12 هفتن کانپوءِ 62 علامتن کي رپورٽ ڪيو ويندو آهي.

تحقيق لاءِ 24 لک ماڻهن جا اليڪٽرونڪ هيلٿ رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو هو .

هي ڊيٽا جنوري 2020ع کان اپريل 2021ع جو هو ۽ 24 لکن مان 4 لک 86 هزار 149 ماڻهن کي ڪووڊ کي منهن ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته باقي محفوظ هئا.

مريضن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ تي ماهرن 3 قسمن جي مختلف مدي وارن علامتن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

ماهرن ٻڌايو آهي ته اسان جي ڊيٽا جو تجزيي مان ماڻهن کي لانگ ڪووڊ جو خطرو وڌائيندڙ عنصرن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪووڊ کانپوءِ آٽواميون بيمارين جو تجربو وڌيڪ هوندو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اسان فيصلو ڪيو آهي ته عورتن ۾ ان خطري جا ڪارڻ ڄاڻڻ تي ڪم ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.