چوماسي جون برساتون ڪيستائين جاري رهنديون؟ موسميات کاتي نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي اڄ به سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو، منجهند جو تيز برسات جو امڪان آهي، چوماسي جو لو پريشر ايريا بلوچستان ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن جا اثر سنڌ تي به پئجي رهيا آهن.

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ گذريل رات تيز برسات ٿي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ اڄ به اهو سلسلو جاري رهندو.

سردار سرفراز چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ڪو به سٺو اسپيل ناهي، 30 ۽ 31 جولاءِ تي هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آگسٽ جي شروعات ۾ برساتن ۾ ڪجهه وقفو اچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب هوا جو دٻاءُ وچ ۽ اولهه سنڌ تي برقرار آهي جيڪو بلوچستان جي سامونڊي علائقن ڏانهن وڌي رهيو آهي.

موسميات کاتي موجب سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جنهن ڪري شهري علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.