ٿر ۾ وسڪارو، تل، ترايون تار، مورن جا ٽهوڪ، ڌرتي سائي چاڌر اوڍي، منظر وڻندڙ

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) پاڻي ڍُڪ لاءِ پياسن مارئي جي ديس واسين تي مالڪ مهربان ٿي پيو آهي،سانوڻي وسڪاري ماروئڙن کي جيئاري ڇڏيو آهي،گذريل 24 ڪلاڪن کان اسلام ڪوٽ،ننگرپارڪر،مٺي سميت ٻين علائقن تي پيل زوردار برسات درد ونديءَ جي ديس کي مهڪائي ڇڏيو آهي، برسات اُڃارن مارن جي اُڃ اُجهائي ڇڏي آهي،تتل ڌرتي جي سيني تان پلر پالوٽ ڪري وهي پيو آهي جنهن سبب هرپاسي ٽوڀا ترايون تار ٿي ويون آهن ۽ججهي مقدار ۾ پلر پاڻي جمع ٿي ويو آهي،سانوڻي مند جي بهترين برسات سبب ماروئڙن جي چهرن تي مُرڪون آڻي ڇڏيون آهن هر پاسي عيد جهڙو ماحول جُڙي ويو آهي هاري ۽ مالوند وڌيڪ خوش نظر اچي رهيا آهن،پکي پکڻ ۽ جانورن سرها ٿي پيا آهن،ٿرواسي برساتن بعد خوشي وچان هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندي نظر اچي رهيا آهن،ماحول انتهائي خوبصورت بڻجي ويو آهي،هر طرف دلڪش منظر ڏسڻ وٽان آهن،ٽوڀن تراين ۾ پلر پاڻي جمع ٿيڻ ڪري اُڃارا مارو ماڻهو ۽ جانور پلر پاڻي واپرائي اُڃ اُجهائڻ ۾ رڌل آهن،ٿر جي جهرجنگ ۾ رونقون بحال ٿي ويون آهن.،جهنگ ۾ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا وڻ ٻوٽا به ڌونپجي ساوا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن،ٻي پاسي مورن جي ٽلي رانڌ ڪرڻ سميت خوبصورت ٽهوڪن ويتر موسم کي محبوب بڻائي ڇڏيو آهي،ٻي پاسي ٿر سائي چاڌر اوڍي ورتي آهي،سمورا منظر ڪشمير ۽ ڪوھ مري کان به وڌيڪ خوبصورت بڻجي ويا آهن،گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن جي رش وڌي وئي آهي،ڪالھ ڪارونجهر تي سون جي تعداد ۾ سياح پهتا،ٿر جي تتل ڌرتي پنهنجو ويس بدلائي ورتو آهي،هر پاسي ساوڪ اُڀري آئي آهي،ڀڙڀانگ ڀٽون سائي ويس ۾ ملبوس ٿي ويو آهي،جنهن سبب هر طرف دلڪش منظر ڏسڻ وٽان آهن،

ڪارونجهر ٻهڪي پيو ، ڀٽياڻي ندي موج مستي سان وهڻ شروع

مٺي:ڪارونجهر مهڪي پيو،جبل تان لهندڙ پاڻي جا ڌڌڪا،ڀٽياڻي ندي وڏي عرصي بعد موج مستي سان وهڻ شروع ي ويئي،ڪارونجهر کي سانوڻي جي وسڪاري خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي،جنهن سبب ڀٽياڻي سميت گورڌڙو،ساردڙو نديون موج مستي سان وهي رهيون آهن،ننگرپارڪر ۾ ججهي مقدار ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي،ٺهيل ڊيم به پلر پاڻي سان ڀرجي ويا آهن،جنهن سبب ڊيمن اندر ٽن مهينن تائين استعمال جيترو پاڻي جمع ٿي ويو آهي،وسڪاري ڪارونجهر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن،مورن جي ٽهوڪن ويتر ماحول کي موهي وڌو آهي،

برسات ۾ ٻارڙن جون خوشيون ٻيڻيون، واري جا گهرڙا ٺاهي رانڌ ۾ رڌل

مٺي:ٻارڙن جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون،معصوم ٻارڙا برسات بعد واري جا گهرڙا ٺاهي رانڌ ڪندي نظر اچن ٿا،ٿر جي ڀٽن تي رش لڳل نظر اچي ٿي،شهري موج کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ ڀٽن تي چڙهي مزو وٺڻ ۾ مصروف آهن، سانوڻي رُت مايوس ٿيل سانگين ۾ ساھ وجهي ڇڏيو،پيل برسات سبب ماروئڙا مُرڪي پيا آهن،گهر گهر توڙي جهرجهنگ ۾ خوشين جو ماحول جُڙي ويو آهي.

اسلام ڪوٽ ۾ 250 ۽ ننگرپارڪر ۾ 80 ملي ميٽر برسات

مٺي:اسلام ڪوٽ ۾ 250 ۽ ننگرپارڪر ۾ 80 ملي ميٽر برسات، ننگرپارڪر ۾ سانوڻي جي گذريل رات کان شروع ٿيل برسات سان ڪارونجهر جبل ڌوپجي اجرو ٿي ويو،ڪارونجهر جون ڀٽياڻي ۽ گوڙڌڙو نئيون وهي آيون،جڏهن ته ڀٽياڻي ڊيم ۾ 12 فوٽن تائين پاڻي جمع ٿي ويو آهي،تعلقه جي مختلف ڳوٺن ۾ ترايون پاڻي سان ڀرجي ويون آهن جڏهن ته برسات سبب ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن ۽ ننگرپارڪر شهر سميت آسپاس 80 ملي ميٽر کان مٿي برسات رڪارڊ ڪئي وئي .ٻي پاسي سياحن جو وڏو انگ فيميلن سميت ڪارونجهر جي تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو آهي سياح وڏي تعداد ۾ پهچي ويا آهن جڏهن ته برسات سبب هرطرف پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو آهي . ڪارونجهر جبل سائي چاڌر اوڊي ورتي آهي. هوڏانهن ڪاسبو ۾ ڊيم جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي،ٻي طرف رات دير تائين برسات جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.