سڳين ڀرسان برسات سبب ڀت ڪرڻ سبب 5 ٻڪريون مري ويون

سڳيون (ن ع آ)  سڳيون۾ مسلسل پنجين ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي جنهن غريب آباد گارن ۽ ٻين جو لکين رپين جو نقصان ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺ مولاداد ڀاڳت جي رھواسي واجد ڀاڳت جي ٻڪرين جي واڙي جي ديوار اوچتو ڌماڪي سان ڪري جنهن سبب غريب پورهيت واجد ڀاڳت جون ناياب نسل جون پنج ٻڪريون ڪوٽ جي ديوار جي ھيٺيان دٻجي مري ويون اچي 5 ٻڪريون ٿڏي تي مري ويون ٻئي پاسي پرويز علي مشوري، محمد جمن ڀاڳت، منور علي ڀاڳت، غلام حسين ڀاڳت، ابراهيم ڀاڳت، ممتاز علي ڀاڳت، عمران علي ڀاڳت اعجاز علي ڀاڳت جاگھر ۽ گهرن جو ڇتيون توڙي چوديواريونڪري پٽ پئجي ويون آهن جيڪي هن برسات ۾ کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جڏهن ته سڳيون جي نئي چونديل يوسي چيئرمين الطاف خان مشوري جي بنگلي جو ڪوٽ به برسات سبب ڌماڪي سان ڪري پيو، ٻئي پاسي تيز برسات سبب آبادگارن جي فصل وونئنڻ تر جور ڪمند ۽ ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي هن سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن جي کان مطالبو ڪيو ته برسات متاثرن جي  نقصان جي سروي ڪرائي ۽ انهن جي مالي مدد ڪري ۽ ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.