بدين ۾ برساتي پاڻي بيٺل،نالي تان قبضو هٽائڻ ۾ بااثر رنڊڪ بڻيل

بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) بدين  ۾ مسلسل وسندڙ برسات شهرين کي بي حال ڪري ڇڏيو، برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميا خلاف ٽن هنڌن تي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. بدين جي چوڏهين واري پڙ سيراڻي روڊ، ملاح محلي، درگاھ شاھ قادري، غريب آباد، حاجي ھاشم خاصخيلي، انصاري پاڙو، انڙ پاڙو۽ پير ملوڪ شاھ پاڙي جي رھواسين نثار ٽالپر، افتخار حسين ملاح، انور انصاري، جمال ڪڇي ۽ حميد انصاري جي اڳواڻي ۾ شاھنواز چوڪ تي ڌرڻو هنيو. مظاهرين موجب پاڻي نيڪال ڪرڻ واري نالي تي پ پ اڳواڻ ۽ بااثر ماڻهن جو قبضو آهي ۽ ٻن ڏينهن کان لڳاتار برساتن سبب پاڻي نالي ۾ وڃڻ بدران گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنھن ڪري رڌ پچاءُ متاثر ٿي ويو آهي، ٻار بک تي سمهڻ تي مجبور آهن پر ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتو ننڊ پيل آهي.هنن چيو ته رين ايمرجنسي لاڳو ھئڻ باوجود شهر جي نالين جي ڪا به صفائي نه ڪئي وئي، ٻدين جي مين نالي تي پ پ تعلقي خزانچي حاجي حنيف خاصخيلي ۽ بااثر ماڻهن جا قبضا آهن، جيڪي فوري ختم ڪيا وڃن ته جيئن پاڻي نيڪال ٿي سگهي ٻئي طرف نالي تي قبضي جو ڊي سي آغا شاھنواز نوٽيس وٺندي دڪان ڊاھڻ جو حڪم ڏنو ته ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح دڪان ڊاهڻ بجاءِ ڳالھيون ڪرڻ جو چئي ٻن ڏينهن اندر  مسئلو حل ڪرڻ جو چئي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.