گهاري لڳ 4 نوجوان ٻڏي ويا، ٽن کي بچايو ويو، هڪ جي ڳولا

ٺٽو(ڊ ر ) گھارو شھر لڳ برسات جي پاڻيءَ ۾ گهارو ڪريڪ ڀرسان وهنجندڙ 4 نوجوان ٻڏي ويا، جن مان ٽن ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته هڪ 17 سالن جو نوجوان نديم خاصخيلي ٻڏي ويو، جنهن جي  ڳولا جاري آھي، اخري اطلاعن تائين نوجوان جو لاش ھٿ اچي نہ سگھيو ھو، ھوڏانھن اطلاع ملندي ئي گھارو مان بنا مقابلي ڪامياب ٿيل ڪائونسلر پ پ پ ايم پي اي ڄام اويس بجار خان جوکيو جو ڀاء ڄام احسان خان جوکيو واقعي واري ھنڌ پھچي ٻڏي ويل نوجوان جي خاندان سان ڏک ونڊي ھمدردي جو اظھار ڪندي نوجوان جي ڳولا کي تيز ڪرائي ڇڏيو آھي. صحافين سان ڳالھائيندي ڄام احسان جوکيو چيو تہ برساتون حد کان وڌيڪ پوڻ توڙي گھارو شھر وارو روڊ ٺيڪيدار پاران ٺاھڻ باوجود روڊ تي پاڻي نيڪال لاء پليون نہ ٺاھڻ ڪري سڄو شھر برساتي پاڻي جي گھيري ۾ آھي، پر اسانجون ڪوششون اھن تہ ضلعي انتظاميہ سان گڏجي جيترو جلد ٿي سگھي پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي پريشاني کان بچايون جنھن لاء ڪوششون جاري آھن. ڄام احسان جوکيو ڊي سي ٺٽو سان ڳالهائي متاثر ماڻهن لاء هاء اسڪول گهارو ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ 2 رليف ڪيمپون قائم ڪرائڻ جو چيو ۽ ايڊمنسٽريٽر گهارو عبدالغفور ھيجب جاکرو کي هدايت ڪئي ته جتي جتي پاڻي بيٺل آهي اتي موٽرون لڳائي پاڻي کي جلد ڪڍي شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي. ان موقعي تي بشير احمد جوکيو، سلطان احمد ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.