وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان علامه آغا حامد علي موسوي جي وفات تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علامه آغا حامد علي شاهه موسوي جي وفات تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هڪ درويش صفت انسان ۽ اتحاد بين المسلمين جو امين هو. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف دُعا ڪئي. ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرماءِ ۽ سندس وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي ٿيندو

اسلام آبا د  (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس 3 آگسٽ تي ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق پرڏيهي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت ڪميٽيءَ جو چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪندو. پرڏيهي وزير ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ کانسواءِ ڪميٽيءَ جا ميمبر ۽ لاڳاپيل شخصيتون اجلاس ۾ شرڪت ڪنديون. اجلاس کي والاريل ڪشمير جي صورتحال خاص ڪري 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ۽ هندو انتهاپسند اڳواڻن طرفان نبي ڪريمﷺ جي شان ۾ گستاخاڻن بيانن کانپوءِ ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد جي واقعن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀارتي عدالت طرفان ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي هڪ فرضي ڪيس ۾ سزا ٻُڌائڻ ۽ ان سان جيل ۾ غير انساني سلوڪ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ويندي. ان کان اڳ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس 26 جولاءِ تي ٿيڻو هو جنهن جو شيڊول هاڻي تبديل ڪيو ويو آهي

آصف علي زرداري جي 67هين سالگره (اڄ) جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي

لاهور (اي پي پي) پنجاب جي راڄڌاني سميت سڄي ملڪ ۾ اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي 67هين سالگره (اڄ) اڱاري تي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي پ پ جي تنظيمن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن طرفان آصف علي زرداري جي آئين، قانون، پارليامينٽ ۽ جمهوريت لاءِ خدمتن تي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ اڄ 26 جولاءِ تي شهر ۾ مختلف تنظيمي عهديدارن طرفان تقريبون منعقد ڪيون وينديون. شام جو ڇهين وڳي لبرٽي چؤڪ تي آصف علي زرداري يڪجهتي جشن جو اهتمام ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پارٽي سربراهن طرفان تنظيم عهديدارن کي ذميواريون به ڏنيون ويون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.