تلھار ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو، ڪچا گھر ڊھي پٽ

تلھار (ن ع آ) تلھار ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪچا ۽ ڪکاوان گھر ڊھي پيا.يوسي لکي ايٽ مير واهه جي ڳوٺ جياٺ ۾ غلام مرتضي لاشاري، وسيم لاشاري ۽ اڪرم لاشاري جا ڪچا گھر ڊهي پيا، ساجن سوائي وٽ مائو ڪولھي، وشنو ڪولھي ۽ رگهو ڪولھي جا گھر ڊھي پيا.هوڏانهن تلھار جي ائڊمنسٽريٽر غلام اڪبر ڀنڀرو صفائي عملي کي الرٽ رھڻ جون سخت ھدايتون ڪيون۽  بيٺل پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪرائي رستا ڪليئر ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ غلام اڪبر ڀنڀرو صحافين کي ٻڌايو ته اڳوڻي وقت کان شھر جو نيڪال نظام ناڪارا رھيو آھي، ان جي باوجود اسان جي ڪوشش جاري آھي ته برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ رستا ڪليئر ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.