لاڙڪاڻي ۾ برسات، روڊ رستا ٻڏي ويا، شهري ميت برساتي پاڻي مان گذارڻ تي مجبور

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات دير تائين برسات مختلف وقتن تي هلڪي ۽ تيز وسندي رهي، جنهن ڪري شهر جي مخلتف هيٺين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي عملي پاران شهر جي مختلف روڊن تان ٻهارن سان پاڻي جو نيڪال ڪندا رهيا، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه پاران شهر جي وي آءِ پي روڊ تي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪو به گٽر سسٽم نه ٺاهيو ويو آهي ۽ نه ئي ايس ايس پي چوڪ واري علائقي ۾ گٽر سسٽم جو بندو بست ٿيل نه آهي، جنهن ڪري برساتي پاڻي بيهي وڃي ٿو ۽ شهرين کي اچ وڃ ۾ تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هوڏانهن برسات سبب شهر جي امپائر ٽائون يوسي 5 درويش واهڻ چانڊيا محلا بروهي گهٽي ۾ پاڻي بيهي وڃڻ سبب محلي واسين ميت کي برسات واري پاڻي مان کٽ تي لاش کڻي قبرستان کڻائي ويا، محلي واسين انتظاميه کي اپيل ڪئي آهي ته برسات جو پاڻي جلد گهٽين مان نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.