گهوٽڪي وٽ ريل جي ٽڪر ۾ عورت فوت، لاش اسپتال ٻاهران پيل رهيو

گهوٽڪي (ڊ ر )گهوٽڪي انڊر باءِپاس وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ سرسيد ايڪسپريس ٽرين پٽڙي ڪراس ڪندڙ عورت سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي، ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب عورت پل تان هيٺ ڪري وئي، فوتي عورت جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. اهڙو اطلاع شهرين پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻي پاسي هوٽڪي تعلقه اسپتال انتظاميه جو ڪارنامون، تعلقه اسپتال گھوٽڪي جي عملي ٽرين ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿيل لاوارث عورت جو لاش ضروري ڪاروائي بعد لاش کي سرد خاني ۾ رکڻ بجاءِ تيز ھلندڙ برسات ۾ گيٽ ٻاھران رکي ڇڏيو آهي، گهوٽڪي جي سرڪاري اسپتال جي عملي, چونڊيل نمائندا توڙي سنڌ سرڪار کي لاشن تي به رحم نه آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.