مٽياري ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، 2ڄڻا زخمي، ڌرڻو

مٽياري( ڊ ر) مٽياري شھر جي مين بس اسٽاپ تي دڪان ۽ پلاٽ جي مالڪي تان کوسا ۽ ميمڻ برداري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب کوسا برادري جو فقير محمد کوسو ۽ ميمڻ برادري جو جنيد ميمڻ زخمي ٿي پيا زخمين کي مٽياري تعلقہ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان فقير محمد کوسو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جھيڙي بعد برادري جا سوين ماڻھو روڊ تي نڪري آيا ۽ ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن بعد ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو ۽ ايس ايڇ او مٽياري وڏي پوليس نفري سان موقع واري جڳھ تي پھچي ميمڻ برادري جي چئن ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو جھيڙي بابت ميمڻ برادري جي وڏيري جواد ميمڻ جو چوڻ ھو تہ فقيرو کوسو اسان جي ھڪ دڪان ۽ ھڪ پلاٽ تي قبضو ڪري عورتون ويھاري ڇڏيون آهن دڪان ۾ اسان جون 200 ٻوريون ڪڻڪ ۽ اسپيئر پارٽ جو سامان پيل ھو جيڪو گم آھي ھن چيو تہ اسان جڏھن ان جي معلومات لاء پھتاسين تہ کوسا برادري جي ماڻھن اسان تي حملو ڪري ڏنو جنھن ۾ منھنجو ڀاء شديد زخمي ٿي پيو آھي ھن چيو تہ فقير محمد کوسو ٻيلي کاتي جي پلاٽ تي قبضو ڪري ڪيئي دڪان ٺھرائي اھي مختلف ماڻھن کي وڪڻي پئسا وٺي وري داٻا ڌمڪيون ڏئي دڪان کالي ڪرائي وري ٻي ماڻھو کي وڪڻندو آھي ھن چيو ته اسان اھڙيون شڪايتون ڊي سي توڙي ايس ايس پي کي بہ ڏني پر ان تي ڪو نوٽيس نه ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.