حيدرآباد ۾ مسلسل وسڪاري سبب اڪثر علائقا پاڻي هيٺ، ڪاروبار متاثر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪالهه به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، مسلسل هلندڙ برسات جي وسڪاري سبب حيدرآباد جا هيٺياهين وارا سمورا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا، شهر جي ڪيترن ئي مک روڊن تي پڻ پاڻي بيٺل رهيو، جنهن ڪري شهري پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا، حيدرآباد جي فقير جي پڙ ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ واري علائقي ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪاروباري زندگي سخت متاثر ٿي. حيدرآباد جي ريلوي ڪالوني، حالي روڊ وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي پڻ بند رهي. آٽوڀان روڊ جي ڪيترن ئي حصن ۾ پڻ برساتي پاڻي بيٺل رهيو. هوڏانهن ضلعي انتظاميا دعويٰ ڪري رهي آهي ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڏينهن رات ڪم هلي رهيو آهي، هيوي مشينري ذريعي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جلد ئي برساتي پاڻي نيڪال ڪري شهرين کي رليف پهچايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.