سري لنڪا جهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿي: محمد علي مير جت

گلشن اقبال ( ن ع آ) يوٿ شهيد ڀٽو سنڌ چيف آرگنائيز محمد علي مير جت،ڊاڪٽر رئوف چاچڙ چيو آهي ته ڊالر جي تيزي سان اڏام ملڪ ۾ سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ڪنديون 130 روپيا في ڊالر ٿيڻ کانپوءِ تيل، بجلي، گئس جون ٻيهر قيمتون وڌائي عوام کي مهانگائي جي بم سان ماريو ويندو ٽن مهينن جي مختصر دوران موجوده حڪمرانن ملڪ جو وڌيڪ ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ملڪ هڪ وڏي معاشي توڻي سياسي بحران جي ور چڙهي ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته ڏيڍ ڏينهن جي برسات ڪراچي ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن کي ٻوڙي ڇڏيو هر هنڌ ڊيم ۽ ڪئنال ٽٽي رهيا آهن جيڪي ماڻهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ڪن پيا ڪراچي جي سمورن ندين ۽ نالن تي سرڪار ۽ پوليس جي سرپرستي ۾ قبضا ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي سوڙهي ٿيڻ کان پوءِ پاڻي پنهنجي رستن بدران روڊن ۽ رستن تي وهي رهيا آهي سنڌ سرڪار پاران رين ايمرجنسي فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن سموري صوبي جي ترقياتي بجيٽ مان ڪٿي ۾ ڪم نظر نه پيو اچي عوام جي ووٽن تي عياشيون ڪندڙن کي ووٽرن جي ڏک ۽ مصيبت جو ڪو احساس نه آهي عوام هاڻ سجاڳ ٿئي ۽ ڪرپٽ ۽ عوام دشمن سياستدانن کي ووٽ ذريعي مڪمل رد ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.