ڪراچي جي رضويه ٿاڻي جي پوليس هٿان مقابلي بعد هڪ ڦورو گرفتار

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي جي رضويه ٿاڻي جي پوليس جهانگير آباد واري علائقي مان مقابلي بعد هڪ ڦورو شيراز پٽ ارشاد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جا 3 ساٿي فائرنگ ڪندي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار ٿيل جوابدار وٽان لوڊ ٽي ٽي پستول هٿ آيو آهي جڏهن ته زخميءَ کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڀڄي ويل جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ سبطين خان سميت 8 جوابدارن خلاف ٺيڪو ڏيڻ جي ريفرنس جي ٻُڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي

لاهور (اي پي پي) لاهور جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي صوبائي وزير سبطين خان سميت 8 ڄڻن خلاف چنيوٽ ۾ اختيارين کان مٿاهين قانون خلاف مسند پسند ڪمپنيءَ کي کاڻين جو ٺيڪو ڏيڻ جي ريفرنس جي ٻُڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي سبطين خان کي هڪ ڏينهن جي حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت جي جج زبير شهزاد ڪياني ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. سومر ڏينهن ٻُڌڻيءَ دوران سبطين خان طرفان حاضريءَ کان معافي جي درخواست جمع ڪرائي وئي. جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي .ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي مصروفيت سبب پيش نٿو ٿي سگهان، حاضريءَ کان معافيءَ جي درخواست منظور ڪئي وڃي. عدالت هڪ روز جي حاضري معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي، جڏهن ته ريفرنس جي ٻين ملزمن رائو منظر حيات، اڳوڻو سيڪريٽري مائنز اينڊ منرلز ڊپارٽمينٽ امتياز احمد چيما، اڳوڻو جنرل مئنيجر محمد اسلم ۽ چيف انسپيڪٽر مائنر پنجاب عبدالستار، سلمان غني ۽ محمد شاهد عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالتي عملدارن جوابدارن جي حاضري مڪمل ڪئي. جوابدارن تي تقريبن 6 ارب رپين جي ماليت جي چنيوٽ آئرن ۽ کاڻ جو ٺيڪو من پسند ڪمپنيءَ کي نوازڻ جو الزام آهي. عدالت ۾ جوابدارن بريت جون درخواست دائر ڪيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.