ڪراچي (اي پي پي)ڪراچي جي چاڪيواڙه ٿاڻي جي پوليس مرزا آدم خان روڊ تان مقابلي بعد ٻن ڦورن گل محمد پٽ الهه بخش ۽ امير معاويه پٽ عثمان غني کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جن وٽان ٻه عدد لوڊ پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي علاج جي سلسلي ۾ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي