تعليمي ادارن ۾ ڌارين جي داخلا بند ڪئي وڃي: ساجده پرهياڙ

حيدرآباد (پ_ر) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، مرڪزي اڳواڻ ڪائنات ڏاهري، پرهه ملاح ۽ ساجده خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن جي تعليم دشمن پاليسين سبب ملڪ جي تعليمي ادارن خصوصن ميڊيڪل جي تعليمي ادارن ۾ مسيحائي بدران ماڻهو ماري پئسا اوڳاڙڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي. پي ايم سي هڪ سازش تحت سنڌ جي ميڊيڪل جي تعليمي ادارن ۾ افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي داخل ڪري سنڌي شاگردن کي تعليم کان محروم ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته پي ايم سي جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪري ٺاهيو هو تنهن کي موجوده وفاقي حڪومت ختم ڪرڻ جو بل پاس ڪرڻ باوجود پي ايم سي ذريعي ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ وٺي رهي آهي. پي ٽي آءِ جيان موجوده اتحادي حڪومت به آئين ۽ قانون لتاڙي ملڪ جي شاگردن جي مستقبل سان خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي. حڪومت جي تعليم متعلق غيرآئيني ۽ غير قانوني عملن سبب ملڪ خصوصن سنڌ جا شاگرد شديد منجهارن جو شڪار ٿي ويا آهن. اڳواڻن چيو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت سنڌ جي تعليم خصوصن ميڊيڪل جي تعليم کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ سمورا تعليم دشمن هٿڪنڊا استعمال ڪيا آهن. تعليمي ادارن ۾ داخلا توڙي نوڪرين جي ٽيسٽ لاءِ هڪڙي اداري کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ٿو وڃي جيڪو شاگردن کي ٽيسٽ وٺڻ بنا ئي هزارين روپيا اوڳاڙي، شاگردن جو معاشي قتل عام ڪري ٿو جنهن کانپوءِ وري ٻي اداري کي ڪانٽريڪٽ ڏئي شاگردن جو معاشي قتل عام ڪرڻ جو کيس پروانو ڏنو پيو وڃي. پي ايم سي ٺهڻ وقت به ڪجهه ائين ئي ڪيو ويو هو جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. 2019ع ۾ ميڊيڪل جي سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽين۽ ڪالجن جي انٽري ٽيسٽ جو سيپٽمبر ۾ "نمز” پاران ٽيسٽ وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن بعد وري ٻي اداري پمز نوابشاهه يونيورسٽي کي ٽيسٽ جا اختيار ڏنا ويا جنهن جو اين ٽي ايس فارم پڻ جاري ڪيو هو، سموري سنڌ جي لڳ ڀڳ  37000 شاگردن انٽري ٽيسٽ لاءِ فارم  ڀرايا ۽ 18 تاريخ تي ٽيسٽ ٿيڻي هئي پر ٽيسٽ کان بلڪل هڪ ڏينهن اڳ 17 تاريخ تي ٽيون نوٽيفڪيشن نڪتو ته پوري ملڪ ۾ ميڊيڪل ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي  ٽيسٽ 29 نومبر تي هڪ مخصوص ۽ نئين نصاب مان ورتي ويندي جيڪا ٽيسٽ غيرقانوني ۽ غيرآئيني تحت ٺاهيل اداري پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن  (پي ايم سي) ذريعي ورتي ويندي جنهن سبب هڪڙي پاسي شاگردن هڪڙي ئي ٽيسٽ جا اين ٽي ايس کي به پئسا ڏنا ته پي ايم سي کي به. اين ٽي ايس ته ٽيسٽ نه ورتي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.