بجلي جي بلن ۾ هزارين رپيا سيلز ٽيس کي رد ڪيون ٿا: جاويد ميمڻ

سکر(رپورٽر) سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ حڪومت پاران بجلي جي بلن ۾ 3 هزار کان 20 هزار روپين تائين سيلز ٽيڪس جي نفاذ کي مسترد ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران ننڍن، وڏن ڪاروبار جي فرق جي بغير سڀني جي لاءِ فڪس رقم جي سيلز ٽيڪس جو نفاذ ڪنهن به صورت قبول ناهي، هڪ ئي ڪاروبار تي لڳل ميٽرن، بند دڪانن، ۽ گودامن جي فرق جي بغير سڀني ميٽرن تي سيلز ٽيڪس حقيقت ۾ غنڊا ٽيڪس آهي، جنهن کي پوري ملڪ جي واپاري برادري رد ڪري ٿي. حڪومت فوري طور تي بجلي جي بلن مان سيلز ٽيڪس جو خاتمو ڪري نه ته ٻئي صورت ۾ بجلي جي بلن جي ادائيگي کي روڪي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجر سيڪريٽريٽ گولڊ سينٽر صرافه بازار ۾ سکر اسمال ٽريڊرز جي منعقد ڪيل هنگامي اجلاس کي خطاب جي دوران ڪيو. اجلاس ۾ حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي عبدالستار راجپوت، حاجي رئيس قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته واپاري برادري باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندي آهي، حڪومت کي ملڪي معيشت جي بهتري جي لاءِ واپارين کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪرڻ گهرجن پر بدقسمتي سان واپارين جي مشاورت جي بغير ئي حڪومت جبري طور تي بجلي جي بلن ظالماڻي سيلز ٽيڪس مڙهي پوري ملڪ جي واپارين جو معاشي قتل عام ڪيو آهي، جنهن کي اسان ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته پهريان ئي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ آئي ڏينهن قيمتن جي ڪري واپاري برادري شديد پريشانين جو شڪار آهن، واپاري سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن، حڪمرانن جي ناقص پاليسين جي ڪري صنعت ۽ تجارت ڪاروبار تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. حڪومت کي گهرجي ته هو واپارين تي جبري ٽيڪس مڙهڻ جي بجاءِ انهن سان مشاورت ڪري. هنن حڪومت، وفاقي وزير خزانه ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بجلي جي بلن ۾ سيلز ٽيڪس جو خاتمو ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ پوري ملڪ جا واپاري ملڪ گير احتجاج جو رستو اختيار ڪندا جنهن جي تمام تر ذميواري حڪومت تي عائد ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.