سنڌ سرڪار ناڪام حڪمراني ڪئي آهي: احمد نواز انقلابي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي گذريل 15 سالن جي ناڪام حڪمراني ظاهر ٿي رهي آهي، حڪومت جي ان کان وڌيڪ بيحسي ڪهڙي هوندي ته 16 سالن جي حڪومت ۾ شهرن جو ڊرينيج ٺيڪ ناهي ڪري سگهي، هن وقت حڪومت جي نااهلي سبب بارش دوران سنڌ جا شهر ٻوڌ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، بارشن سبب نه رڳو شهر متاثر ٿيا آهن، پر ٻهراڙين ۾ به وڏو نقصان ٿيو آهي، بارشن سبب هارين آبادگارن جي ڪروڙن جا بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، ٻهراڙين اندر بارشن سبب پورهيتن جو چوپايو مال متاثر ٿيو آهي. سنڌ هاري ڪميٽي مطالبو ڪري ٿي ته فوري طور تي رليف پيڪيج ڏنو وڃي سنڌ حڪومت خصوصي پيڪيج جو اعلان ڪري هاري آبادگارن شهرن جي نقصان جو ازالو ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.