عمران خان کي اتحادين کان پوءِ هاڻي سندس پارٽي جا ماڻهو ڇڏين ٿا: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو ( ڊر  ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ انتظار ابڙو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان هن سومر  ڏينهن  پ پ سنڌ جي صدر نثاراحمد کهڙو سان لاڙڪاڻي ۾ سندس رهائش گاهه تي ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي نثارکهڙو کيس پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته عمران خان کي اتحادين کانپوءِ هاڻي سندس پارٽي جا ماڻهو به ڇڏي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو مايوس ۽ ناڪام ليڊر ثابت ٿيو آهي ۽ هو جمهوريت جو حامي ناهي جنهن ڪري هو ايمپائر جو هر حال ۾ ساٿ چاهي ٿو ۽ جمهوري قوتون کيس سٺيون نه ٿيون لڳن، نثارکهڙو چيو ته آصف زرداري عمران خان ۽ سندس ٽوئيٽر برگيڊ جي ذهنن تي سوار آهي، جنهن ڪري آصف زرداري بابت ڪوڙا افواهه ڦهلايا پيا وڃن، هن چيو ته آصف زرداري ڊڪٽيٽرن جي دور ۾ ڏکي صورتحال ۾ به 11 سالن کان وڌيڪ قيد ڪاٽيو ۽ آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، هاڻي عمران خان ته ڪا ڳالهه ئي نه آهي، آصف زرداري جي ڏوهٽي جي سالگره جي شرڪت بابت دبئي وڃڻ تي پي ٽي آءِ ۽ مخالفن آسمان مٿي تي کنيو آهي پر کين ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته آصف زرداري ننڊ ۾ به کين ياد ايندو رهندو. ان موقعي تي انتظار ابڙو پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ ۽ انتشار تي ٻڌل آهي، هو جمهوريت جو حامي ناهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد ڪندي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته نوجوانن جو حقيقي ليڊر بلاول ڀٽو زرداري آهي ۽ ملڪ جو مستقبل پڻ بلاول ڀٽو زرداري آهي، هن چيو ته عمران خان جو ڪوڙو بيانيو ۽ انتشار واري سازش ناڪام ٿيندي ۽ کيس منهن جي کائڻي پوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.