خيرپور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 مينهون مري ويون، احتجاج

خيرپور( ڊ ر) خيرپور ۾ واپڊا سيپڪو جي نااهلي خلاف ريلوي اسٽيشن خيرپور کان لقمان ڦاٽڪ تائين لنجواڻي برادري جي ماڻهن سٽي فيڊر 2 جي انچارج ۽ ڪنڊا مافيه خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سٽي فيڊر 2 جي انچارج ۽ ڪنڊا مافيه جي نااهلي سبب ڪرنٽ لڳڻ سبب اسان جو 2 ڀلوڙ مينهون مري ويون آهن سٽي فيڊر2 جي انچارج پاران ڪنڊا مافيه کي کلي ڇوٽ ڏئي غير قانوني ڪنيڪشن هڻائي بجلي جا ٿنڀا ارٿ ڪرائي ڇڏيا آهن بجلي جا ٿنبا ارٿ هئڻ سبب اسان جون ڀلوڙ نسل جون 2 مينهون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون ۽ ٻيا نقصان پڻ ٿيا آهن اسان سٽي فيڊر 2 جي انچارج کي بار بار شڪايتون ڪيون پر انهن اسان جي ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي جنهن سبب اسان جو ۽ ٻين شهرين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته اسان احتجاج وڌائي روڊن تي نڪري اينداسين جنهن جي زميواري واپڊا سيپڪو تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.