جنگشاهي لڳ ملاحن جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، ڳوٺاڻن جبل تي پناهه ورتي

جنگشاھي(ن  ع آ) جنگشاھي لڳ ھاليچي ڍنڍ ڀرسان رھندڙ ملاح برادري جا ڪيترائي ڳوٺ اوچتو برساتي پاڻي جي گھيري ۾ اي ويا، ڳوٺاڻن رڳو جانيون بچائي جابلو ٽڪرين تي پناھ وٺي ڇڏي، وٽن راشن بہ ختم ٿي ويو، بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل، وس واتن کان مدد جي اپيل. ان سلسلي ۾ جنگشاھي لڳ ھاليچي ڍنڍ ڀرسان قديمي ڳوٺن ڳوٺ عاري ملاح، ڳوٺ صديق ملاح، ڳوٺ جمعو ملاح، عرس ملاح جي رھواسي ڪيترن ئي برسات متاثرين پريس ڪلب جنگشاھي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ تازو 2 ڏينھن کان شروع ٿيل برساتن جو پاڻي برساتي نالن، ڍورن ۽ نئي اوٺي وسيلي اوچتو رات وچ ۾ اچڻ ڪري ھو رڳو جانيون بچائي جابلو ٽڪرين تي اچي پناھ ورتي اھي، جتان ٻاھر نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، ھنن چيو تہ برساتي نالن ۽ ندين جا ھٿرادو بااثر ماڻھن پاران بند ڪري سندن ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو اھي، جتي وٽن راشن بہ ختم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سندن ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن، سندن ڪافي ڪچا گھر بہ ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، سندن ڪير بہ سار لھڻ وارو ناھي، ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ سندن پوئيواري ڪري کين محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪري کين بک ۽ بدحالي کان بچائي سندن ڳوٺن ۾ داخل ٿيل پاڻي جو نيڪال ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.