عدالتون اهڙا فيصلا ڏين جن سان مايوسي نه پکڙجي: ضياءَ عباس

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) اسان چاهيون ٿا ته سڀني لاء هڪ جهڙي پاليسي هجي ائين نه هجي ته لاڏلي لاء هڪڙي پاليسي ۽ ٻين لاءالڳ پاليسي ھجي اهو عمل صحيح ناهي ۽ ناانصافي تي ڏک ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ورڪس اينڊ سروسز سنڌ جي صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاه رضوي سنڌ جي ٽنڊوالهيار ۾  چوماسي جي ٿيندڙ برساتن بعد ٽنڊوالهيار شهر جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.  هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي رولنگ کي چيلنج نٿو ڪري سگهجي توهان سينيٽ ۾ ڏٺو ته ڪيئن اسان جا ووٽ مسترد ٿيا اسان عدالتن جي عزت ڪريون ٿا پر ڪجه اهڙا فيصلا ٿين ٿا جن سان مايوسي پکڙجي ٿي. هن چيو ته اسان جي درخواست اڃان تائين نٿي ٻڌي وڃي ۽ لاڏلي جي درخواست رات جو به ڪورٽ کولي ورتي وئي. صوبائي وزير مون سون برساتن بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي . حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ چوماسي برساتن بعد پاڻي جمح ٿي ويو آهي جنهن جي نيڪالي لاء پوري مشينري ۽ هر ضلعي جي انتظاميه ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. ٽنڊوالهيار جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي شڪايت تي صوبائي وزير چيو ته هتي پرائيوٽ ڪالونيون ڪٽيل آهن جن ۾ ڊرينج سسٽم نه هجڻ ڪري مسئلا درپيش اچي رهيا آهن جنهن لاء ڊپٽي ڪمشنر کي چيو آهي انهن ڪالونين خلاف ڪاروائي عمل ۾ آڻي اتي جي ماڻهن کي رليف مهيا ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير طرفان سڄي سنڌ ۾ ايمرجنسي نافد ڪئي وئي آهي ۽ مختلف وزيرن کي انهي ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعلي ٽنڊوالهيار جي ذميواري مون کي ڏني آهي انهي سلسلي ۾ شهر جو دورو ڪيو آهي پر مون کي ڪٿي به پاڻي بيٺل نظر ناهي آيو جتي ٿورو گهڻو پاڻي بيٺل آهي اتي اسان جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي. اسان جي انتظاميه ايڪٽو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيون شهر ۾ ڊرينج سسٽم جي وڌيڪ شڪايت آهي ان لاء وزيراعلي سان ڳالهائيندس ۽ ڊرينج سسٽم کي بهتر ڪرڻ ۽ نئين اسڪيم ٺاهي ويندي جنهن سان هتي جي عوام کي فائدو ٿيندو. ان موقعي تي زوار پرويز سمون . سيد ثمر شاه رضوي . شاهد جعفر قائمخاني ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

گلشن ۾ ڳوٺ ڊاهڻ خلاف متاثرن جو ستين ڏينهن جو احتجاج

گلشن اقبال ( ن ع آ ) عبدالله شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ کي مسمار ڪرڻ خلاف رھواسين ستين ڏينھن ب احتجاج ڪيو ـ حتجاجي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جسم سربراھ خالق جوڻيجو ـ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ـ شبير پٺاڻ ـ ارٿر برقي ـ پپن سيال ۽ ٻين سميت رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪي ـ رھواسين سنڌي ڳوٺ ڊاھڻ بند ڪرڻ ۽ بلڊر مافيا مڙدا باد جي سخت نعريبازي ڪي ـ ان موقعي تي جسم چيرمين خالق جوڻيجو چيو ت پ پ سڏاين سنڌي ماڻھن جا گھر ـ زمينون ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار حاصل ڪندي آھي ـ ڌاريا ماڻھو وڏن روڊن تي اچي قبضا ڪن ٿا سن ڌ سرڪار انھن کي ريگيولرايز ڪري ٿي ـ سرڪاري زمين زرداري ۽ پ پ اڳواڻن ن پر سنڌي ماڻھن جي زمين آھي ـ انھن کي حق آھي ت ھو پنھنجي زمين آباد ڪري سگھن ٿاـ سنڌ جي ڳوٺن جا مسلن جا ماريل ماڻھو گادي واري شھر جو رخ ڪن ٿا انھن کي حق آھي ت ھو پنھنجا ڳوٺ آباد ڪن ـ ڪراچي ۾ ڌاري آبادڪاري وڌي وي آھي ـ سپريم ڪورٽ جا رمارڪس آھن ت ڌاري آبادڪاري سبب بدامني وڌي آھي ـ اسان جي جدوجھد جو مقصد اھو آھي ت ڌاري آبادڪاري کي نيڪالي ڏني وڃي ـ جيڪي ماڻھو پنھنجي پگھر مان اجھا ٺاھن ٿا اسان انھن سان ھر جدوجھد ۾ گڏ آھيون ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.