گهوٽڪي ۾ برسات بعد پاڻي بيهجي ويو، علائقا پاڻي هيٺ

گهوٽڪي( ڊ ر)گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوماسي جي برسات جو وسڪارو جاري، موسم خوشگوار ٿي وئي، شهر جي گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ بڻجي ويا، جڏهن ته شهر جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب شهري پريشاني ۾ پئجي ويا، اسٽيشن روڊ، اندر بائي پاس، رحموالي روڊ، حسين بيلي روڊ ۽ ٻيا روڊ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، برسات شروع ٿيندي ئي سيپڪو پاران بجلي بند ڪرڻ سبب شهر جو نيڪال جو نظام درهم برهم ٿي ويو، سيپڪو ترجمان موجب برسات دوران بجلي حفاظتي سببن جي ڪري بند ڪئي وئي آهي، برسات ختم ٿيندي ئي بجلي بحال ڪئي ويندي هوڏانهن تيز برسات پوڻ سبب ڦٽي جي فصل کي ڪاپاري جو ڌڪ آبادڱار پريشان، آبادگارن جو چوڻ هو ته ڀاڻ مهانگو خريد ڪيو ۽ فصل کي به برسات سبب نقصان رسيو آهي حڪومت رليف  مهيا ڪري جيئن گهر جو گزر صفر ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.