برسات متاثرن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي: پارس ڏيرو

نوابشاه( ڊ ر) وزير اعليٰ سنڌ جي نوجوانن واري معاملن بابت مقرر خاص مددگار ۽ برساتن جي حوالي سان ضلع شھيد بينظيرآباد لاءِ مقرر فوڪل پرسن پارس ڏيرو جي صدارت ھيٺ ھڪ اجلاس اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شھيد بينظيرآباد ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي رين ايمرجنسي بابت مقرر فوڪل پرسن پارس ڏيرو چيو ته سنڌ حڪومت پاران برساتن سبب متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ھن وڌيڪ چيو ته ضلع شھيد بينظيرآباد ۽ سانگھڙ جي برسات سبب متاثر ٿيندڙ علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ وزيراعلي سنڌ کي گذارش ڪندس تہ انھن علائقن جي عوام کي ريليف فراهم ڪري سگھجي پارس ڏيرو ضلع انتظاميه کي ھدايت ڪئي ته برساتن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۽ ماڻھن جا جلد تفصيل فراهم ڪيا وڃن جڏھن ته برسات جي پاڻي جي نيڪال واري ڪم کي پڻ تيز ڪيو وڃي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ، ضلع انتظاميه ھن مشڪل گھڙي ۾ برسات متاثرين سان گڏ آھي ۽ انھن جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور چيو ته ضلع انتظاميه پاران برساتن سبب متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي ھر ممڪن ريليف فراهم ڪري رھي آھي ھن وڌيڪ چيو تہ برسات متاثرين کي ٽينٽ، مڇر داڻيون، کاڌي پيتي جو سامان فراھم ڪيو پيو وڃي جڏھم تہ متاثر ماڻھن ۽ انھن جي مال جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون پڻ قائم ڪيون ويون آھن ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو تہ برسات وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊي واٽرنگ مشنين کي چالو رکڻ لاءِ پبلڪ ھيلٿ، ميونسپل، ٽائون انتظاميه کي سختي سان ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي نيڪال واري ڪم جي مان پاڻ روزاني جي بنياد تي نگراني ڪري رھيو آھيان ھن چيو ته سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر برساتن سبب متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ٽينٽ، کاڌي پيتي جو سامان، مڇر داڻين سميت ضروري سامان جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڻي ھيٺ ايندڙ ڳوٺاڻن کي پڪي تي منتقل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي رھيا آھن  اجلاس ۾  ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي سميت آبپاشي ايل بي او ڊي، نصرت ۽ داد ڊويزن ،پبلڪ ھيلٿ،تعليم،لائيو اسٽاڪ،سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن شرڪت ڪئي بعد ۾ وزير اعلي سنڌ جي نوجوانن واري معاملي جي خاص مددگار  پارس ڏيرو ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنھور سان گڏجي شھر جي مختلف ڊرينيج نالن، پمپنگ مشينن ۽ پاڻي واري نيڪال جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ عملدارن کي ھدايتون پڻ جاري ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.