خيرپور ۽ ڀرپاسي گجگوڙ سان گڏ برسات، ٻوڏ واري صورتحال

خيرپور( ڊ ر) خيرپور ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات جو سلسلو جاري خيرپور جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهيان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ۽ ان جي آس پاس ۾ ڪيترن ئي علائقن جي مختلف ڳوٺن ۽ آبادين جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جنهن سبب هزارين ماڻهو بي يار و مددگار ٿي ويا آهن ضلعي انتظاميه ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن ۽ نه ئي ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهي آهي، جڏهن ته برسات سبب خيرپور شهر جي مين روڊن رستن چوڪن ۽ چوران جن ۾ سول اسپتال روڊ،مهراڻ يونيورسٽي روڊ،ڊي ايڇ او آفيس روڊ،سٽي اسپتال روڊ،پنجگولا چوڪ،صديق اڪبر مسجد روڊ ۽ ٻين هنڌن تي فٽن جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن کي انتظاميه نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪامي ٿي وئي آهي برساتي گندو پاڻي بيٺل هجڻ  ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن شهرين مطالبو ڪيو  ته روڊن ۽ اسپتالن اڳيان بيٺل پاڻي فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.