ڏهرڪي لڳ چوري، ڀاڳيا جاڳي پيا، چور سوگهو

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي لڳ ڳوٺ حاجي غازي خان ڏھر ويجھو غلام مرتضي لغاري جي گھر  ۾ چوري جي ارادي سان چور گھر م داخل ٿيئڻ سان ئي ڀاڳين کي ننڊ مان جاڳ ٿي پئي ۽ ھڪڙي چور غلام مصطفي چاچڙ کي پڪڙي ورتو چور ڀاڳين مٿان حملو ڪري سندن کي زخمي ڪري ڇڏيو غلام مرتضي لغاري ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته چوري جون وارداتون مسلسل ٿيئن پيون ۽ عوام محفوظ ناھين اھوئي چورن جو گروھ آهي جنھن ھتان جي عوام جو ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن اسين چور  کي رات جو 1 ھڪ وڳي پڪڙڻ ساڻ ئي ڏھرڪي پوليس کي  ٿاڻي تي ڏني اطلاع ڏنو پر پنج گھنٽا گذرڻ باوجود پوليس نه پھتي آھي اسين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدا را ھتان جي رھواسين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سکھ جو ساھ کڻي سگھون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.