سنڌ حڪومت جا دعويٰ برسات ۾ وهي ويا آهن: شفقت علي شاهه

سکر(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل صوبي سنڌ جي اڳواڻ ۽ سکر جي صدر سيد شفقت علي شاهه چيو آهي ته  پ پ جي سنڌ حڪومت هميشه پنهنجي نااهلي  تي قائم ۽ دائم آهي، سنڌ حڪومت جا بلند دعويٰ برسات ۾ وهي ويا آهن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته موسميات کاتي پاران اڳواٽ الرٽ جاري ڪرڻ باوجود قدم نه کڻڻ سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جو ثبوت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن صالح پٽ جي ڳوٺ ۾ جي ڊي اي جي ڪامياب اميدوارن فوٽو خان منڱريو پاران منقعد تقريب کانپوءِ صالح پٽ ۾ استاد خان محمد چنا پاران منقعد ڪيل تقريب ۾ شرڪت دوران ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ساڻس گڏ ف ليگ جو اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو، مير اعجاز ٽالپر، محمد شاهد ملڪ سميت ٻيا پڻ موجود هئا، تقريب ۾ سيد شفقت علي شاهه ڪامياب اميدوارن فوٽ خان مڱريو ۽ استاد خان محمد چنا کي مبارڪباد پيش ڪي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڪامياب اميدوار عوام جي خدمت ڪندا، تقريب جي ميزبانن پاران مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪئي وئي، ڪارڪنن سان ڳالهائيندي سيد شفقت علي شاهه وڌيڪ چيو ته پ پ سنڌ جو ترقي بجاءِ ضمير خريد ڪرڻ ۾ استعمال ڪري رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ جو پئسو سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ خرچ ٿي هاته اڄ هي حال نه هجي ها، سنڌ ۾ پ پ جا وزير صرف سياست ۾ مصروف آهن، انهن کي عوام جو ڪوئي خيال نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.